عقيلي اين ايم

عقيلي، اين. ايم: نامور سرڪاري عملدار، اقتصاديات جو ماهر ۽ اڳوڻو خزاني جو وزير، اين. ايم. عقيلي، 11 آگسٽ 1913ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. هن جو اصل نالو نبي بخش محمد صديق هو. سندس تعلق ٺٽي شهر جي عقيلي خاندان سان هو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات بئنڪ ۾ نوڪريءَ سان ڪئي. 1951ع ۾ بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ فارين ايڪسچينج ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1966ع ۾ PICIC پاڪستان انڊسٽريل ڪريڊٽ اينڊ انويسٽمينٽ ڪارپوريشن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿيو. ان کان سواءِ هن ملڪ جي مختلف مالياتي ۽ اقتصادي ادارن ۾ رڪن ۽ عهديدار جي حيثيت ۾ ذميواريون ادا ڪيون، جن ۾ (1) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽس، (2) ڪائونسل آف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف بئنڪرز، (3) سنڌ مدرسو ۽ سنڌ مدرسو اولڊ بوائز ايسوسيئيشن شامل آهن. هن بئنڪ ڪاري، مالياتي معاشيات ۽ واپار جي موضوع تي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ آمريڪا، برطانيا کان سواءِ يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 30 جولاءِ 1966ع تي صدر ايوب خان جي دور ۾ کيس ذهني صلاحيتن سبب ڏيهي توڙي پرڏيهي اوارڊن سان نوازيو ويو. 1961ع ۾ ستاره قائداعظم، 1965ع ۾ ستاره پاڪستان کان سواءِ 1964ع ۾ جرمنيءَ پاران ‘ڪمانڊرس ڪراس آف دي آرڊر آف ميرٽ’ جو اوارڊ ڏنو ويو. هن 12 نومبر 1992ع وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.08.11  عيسوي

نامور سرڪاري عملدار، اقتصاديات جو ماهر ۽ اڳوڻو خزاني جو وزير، اين. ايم. عقيلي، 11 آگسٽ 1913ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو.


1992.11.12  عيسوي

اين. ايم. عقيلي 12 نومبر 1992ع وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شامي سيد احمد خالد
آشا درگاپوري
ايني بيسنت
اختر جهوناڳڙهي
رفيق مغل ڊاڪٽر
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
چنا محمد عالم
انڙ انڙائي
اقبال ٿيٻو
ايس جي ڀاڳيا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون